سنڌي وڪيپيڊيا

کليل ڄاڻ چيڪلي جو سنڌي نسخو

سنڌي وڪيپيڊيا انگريزي ٻولي: Sindhi Wikipedia، کليل ڄاڻ چيڪلو وڪيپيڊيا جو سنڌي نسخو آھي، جنھن جي شروعات 6 فيبروري، 2006ع تي ٿي. سنڌي وڪيپيڊيا جو بنياد مھراڻ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر احسان احمد عرساڻيءَ رکيو. ھن وقت سنڌي وڪيپيڊيا ۾ 16,430 مضمون موجود آھن ۽ انهن مضمون ۾ لاڳيتو واڌارو ٿيندو رهي ٿو ۽ سنڌي وڪيپيڊيا بلحاظ تعداد مضمون 139 هين درجي تي آھي۔ هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي رُڪنن جو تعداد 18,390 آهي جنهن مان 4منتظمين آهن.

Favicon of Wiki سنڌي وڪيپيڊيا سنڌي وڪيپيڊيا

سنڌي وڪيپيڊيا جو نشان
سائيٽ جو قِسمُ
آن لائين ڄاڻ چيڪلو
۾ موجود سنڌي
مکيه دفتر
ڌڻي وڪيميڊيا فائونڊيشن
جي رچنا جمي ولزس, ليري سنگر[1]
يوآرايل sd.wikipedia.org
تجارتي نه
رجسٽريشن اختياري
يوزرز 18,390
موجوده حيثيت سرگرم

2016 کان 2017

هنن سالن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي گهڻو ڪم ٿيو آهي، ٽيڪنيڪي بنيادن ۽ ذمري بندي يا ڏَس بندي طور پڻ، جنهن ۾ وڌيڪ ڀاڱيدار ڪجهه وڪيپيڊيا واهپيدار (يوزرس) آهن. سنڌي وڪيپيڊيا ۾ 2015 کان سٺو واڌارو آيو آهي۔ تازو 2017ع ۾ وڪيميڊيا فائونڊيشن ۽ سنڌ ثقافت ٽوئرزم ائنڊ اينٽيڪيوٽيز ڊپارٽمنٽ جي سهڪار سان پاڪستان ۾ پهريون سنڌي وڪيپيڊيا آگاهي ورڪشاپ ڪيو ويو، جيڪو ممتاز مرزا آڊيٽوريم، ڪراچيءَ ۾ مئي 24، 2017ع تي ٿي گذريو. ان ورڪشاپ ۾ اردو ڊڪشنري بورڊ جو سربراھ عقيل عباس جعفري خصوصي مهمان، جڏنهن ته وفاقي اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو ان وقت چيئرمين ۽ سنڌي اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو اعزازي خصوصي مهمان طور شريڪ ٿيو.[2] ان ورڪشاپ جو مقصد پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌي ماڻهن ۾ وڪيپيڊيا خاص ڪري سنڌي وڪيپيڊيا بابت آگاهي پيدا ڪرڻ هيو. ان ورڪشاپ ۾ پاڪستان جي ٻين ٻولين جي وڪيپيڊيا جهڙوڪ اردو وڪيپيڊيا، پنجابي وڪيپيڊيا، پشتو وڪيپيڊيا، ڪشميري وڪيپيڊيا ۽ انهن ٻولين ۾ وڪشنري (وڪي لُغت) جو تعارف پڻ پيش ڪيو ويو. ان ورڪشاپ جي منتظمن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا جو منتظم جوڳي اسد راڄپر، اردو وڪيپيڊيا جو منتظم محمد عارف سومرو، ويجهڙ ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي سڀ کان وڌيڪ ڀاڱيداريون ڏيندڙ مهتاب احمد سولنگي ۽ ناميارو سنڌي ڊراما نويس ۽ سنڌي وڪيپيڊئن پروفيسر عزيز ڪنگراڻي شامل هيا۔ ورڪشاپ جي آرگنائيزر جوڳي اسد راڄپر ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي وڪي پيڊيا تي پنهنجيون ڀاڱيداريون شامل ڪرڻ لاءِ همٿايو ۽ وڪيپيڊيا تي ڪم ڪيئن ڪجي جو طريقيڪار پڻ ٻڌايو۔[3][4][5]

رڪن ۽ ترميمون

سنڌي وڪيپيڊيا انگ اکر
تعداد يوزرتعداد مقالاتعداد عڪستعداد منتظمين

18,390

16,430

35

4 منتظمين

سنگ ميل

  • 15 مارچ، 2015ع تي 1،000 مضمون مڪمل ٿيا۔
  • 2 جون، 2018ع تي 10،000 مضمون مڪمل ٿيا.

حوالا

  1. There is controversy over who founded Wikipedia. Wales considers himself to be the sole founder of Wikipedia and has told the Boston Globe that "it's preposterous" to call Sanger the co-founder.[حوالو گھربل] However, Sanger strongly contests that description. He was identified as a co-founder of Wikipedia as early as September 2001 and referred to himself as being founder as early as January 2002.[حوالو گھربل]
  2. http://awamiawaz.com/epaper/20170527/page10.php
  3. پاکستان میں پہلی سندھی ویکیپیڈیا ورکشاپ کا کراچی میں انعقاد ، اُردو پوائنٹ ٹیکنالوجی
  4. http://dailywaka.com/files/28-05/Page-fp.jpg[مئل ڳنڍڻو]
  5. http://dailywaka.com/files/28-05/Page-3.jpg[مئل ڳنڍڻو]

خارجي ڳنڍڻا

🔥 Top keywords: مُک صفحوسائنوبئڪٽيرياماڊيول:Argumentsمدد:مندرجاتانڊونيشياسنڌي ادبوڪيپيڊيا:بابت13 جنوريوڪيپيڊيا:اسان سان رابطو ڪريوخاص:تازيون تبديليونمصروڪيپيڊيا:عام غيرجوابدارينامومدد:تعارفوڪيپيڊياپيرو (ملڪ)ميڊياوڪيخاص:ڳولاوڪيپيڊيا:نياتي بابباب:ھاڻوڪا واقعاوڪيپيڊيا:مندرجاتپاڪستان جي اسيمبلين جا تڪخاص:مون سان ڳالههڏيڏر4 سيپٽمبروڪيپيڊيا:صفائيقاهرهمدد:زمروبرازيلفوٽانوڪيميڊيا فائونڊيشنماڊيول:Namespace detect/dataوڪي لغتاسلاممدد:صفحو ڄاڻ1197عوڪيپيڊيا:هدايتون ۽ حڪمت عمليونسارس ڪووي 2زمرو:اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿاپيراگوئيعالمي ورثو ماڳآرمينيائي ٻوليٻين مھاڀاري جنگآمريڪا جون گڏيل رياستوناجميرسنڌي ٻوليپاڪستانوڪيپيڊيا:بهترين مضمون لاءِ اميدواراتر آئرلينڊنيو ميڪسيڪوسنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊوڪيپيڊيا:حوالو ميزوڪي مينيا1579عزمرو:غلط حفاظت سانچن سان وڪيپيڊيا صفحاعالمي معياري ڪتاب نمبروڪيپيڊيا:کاتي جي لاءِ درخواست ڏيووڪيپيڊيا:ديوان عامآسٽريلياسنڌي وڪيپيڊياٽرانزسٽروڪيپيڊيا:مفاد جو تڪراراحساس برتريسهمتي1525عسنڌ تعليم ۽ خواندگي کاتوکيرائين واٽ ڪهڪشانوي بيڪ مشينوڪي سورسڊي اين ايليف ايرڪسنڪوروناوائرس روڳ 2019o9oxoحجوڪيپيڊيا:تعارفوڪيپيڊيا:ريتخانوروسقنديل بلوچ18جنوريزمرو:آمريڪا جون گڏيل رياستونطارق قريشيشاھ عبداللطيف ڀٽائيوڪيپيڊيا:ڪاپي رائيٽوڪيپيڊيا:ثابتيججوڪيميڊيا ڪامنزوڪيپيڊيا:وڪي منصوبو ڪووڊ-19ڪريٽو ڪامنز1391عايران1577ععوامي کاتوقديم مصرمدد:فهرست1695عنبي بخش بلوچڪولائي پالاس ضلعوابوجھل1754عوڪيپيڊيا:حوالو گھربل