مدد:تعارف
تعارف | سِکو وڌيڪ بابت ترميم | ڳولهيو وڪيپيڊيا | تربيتي سبق |
![]() | مدد:مندرجات |
وڪيپيڊيا کي جنوري 2001ع ۾ شروع ڪيو ويو هيو ۽ وڪيپيڊيا جي سنڌي نسخي، سنڌي وڪيچيڪلو جو بنياد 21هين فيبروري 2006ع تي جناب احسان احمد عرساڻيءَ وڌو. هن وقت سنڌي وڪيچيڪلو تي 15,468 مضمون لکجي چڪا آهن.ـ
سنڌي وڪيپيڊيا هڪ اهڙي آن لائن ويبسائٽ آهي جتي مختلف علمن تي وِکريل معلومات کي نه صرف ڪٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پئي پر ان ۾ واڌارو پڻ ڪيو پيو وڃي۔ منصوبو تمام وڏو بلڪي عظيم آهي، پر افرادي قوت ناپید آهي ٻين لفظن ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي اهڙن واپرائيندڙن جي تمام گهڻي کوٽ آهي جيڪي سنڌي پڙهڻ لکڻ ڄاڻندڙ هجڻ سان گڏ هتي مضمون لکڻ، واڌارو ڪري سگهڻ ۾ اسان سان هث ونڊائين۔ سنڌي وڪيپيڊيا جو مقصد علم جي تمام شاخن کي عام ماڻهوءَ جي سمجهه جي مطابق بڻائي پيش ڪرڻ آهي ڇو ته اهوئي ترقيءَ جو اڪيلو رستو آهي۔ جيڪڏهن توهان وٽ به هن قطرو قطرو بڻجندڙ درياهه ۾ ٽٻڪڻ جي لاءِ ڪو موضوع، ڪا معلومات، ڪوئي لفظ هجي ته بنا ڪنهن هچڪچاهٽ جي شامل ڪريو ته اهڙي طرح هي درياهه، سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ اڳيان رنڊڪ بڻيل بنجر زمین کي سیراب ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي ٿو۔ ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ ۽ قوم جي ترقيءَ جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته اها قوم علم ۽ عمل جي ميدان ۾ ڪهڙي طرزعمل جو مظاهرو ڪري ٿي، ۽ سنڌي وڪيپيڊيا توهانکي اهو موقعو مهيا ڪري ٿي، جتي توهان نه صرف اهو ته علمي ميدان ۾ عملي طور تي بآساني سنڌي ٻوليءَ جو تشخص اجاگر ڪري سگهو ٿا گڏوگڏ خود پنهنجي شناخت پڻ بڻائي سگهو ٿا۔
وڪيپيڊيا ڇا آهي؟
ياد رکو! اوهان وڪيپيڊيا کي بگاڙي نٿا سگھو، اوهان پاران هر ترميم ڪيل صفحو ٻيهر واپس يا سنواري سگھي ٿو. وڪيپيڊيا ۾ ناقص ترميم جي اجازت آهي، وڃو، ۽ ڪنهن مضمون کي سنواري وڪيپڊيا کي انٽرنيٽ جي اندر سٺي ڄاڻ وارو ذريعو بڻايو.
مدد: وڪيپيڊيا کي مفت ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، پر وڪيپيڊيا امدادي يا خيراتي پيسئن جي سهاري هلي ٿو. مهرباني کي ساڄي پاسي امداد ڏيو بثڻ جي ذريعي اسان جي مدد ڪيو.
چند فائدا Patricio Lorente (Chair)
