فينڪس، ايريزونا

فينڪس (انگريزي: Phoenix) آمريڪا جي رياست ايريزونا جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شھر آھي. 2020ع جي انگن اکرن مطابق، ھن شھر ۾ 1608139 ماڻھو رھن ٿا[4]. ھي آباديءَ جي لحاظ کان آمريڪا جي گڏيل رياستن جو پنجون نمبر وڏو شھر آھي. ھي آمريڪا جي گڏيل رياستن جو واحد گاديءَ جو ھنڌ آھي جنھن جي آبادي ڏھن لکن کان مٿي آھي[5]. ھي ايريزونا رياست جو پکيڙ جي لحاظ کان بہ وڏي ۾ وڏو شھر آھي. ھن جي ڪل پکيڙ 1342 چورس ڪلوميٽر (517.9 چورس ميل) آھي[6]. فينڪس جو بنياد 1867ع ۾ پيو ۽ 1881ع ۾ ھن کي شھر جو درجو مليو.

فينڪس، ايريزونا
گاديءَ جو ھنڌ
فينڪس جو شھر
مٿان کان، کاٻي کان ساڄي: [[پاپاگو پارڪ]], سينٽ ميري بيسيليڪا, چيز ٽاور, ڊائون ٽائون, [[سائنس سينٽر ]], [[روسون ھائوس]], [[ميٽرو]], [[ڪيڪٽس]], ۽ [[ميڪڊوويل جبل]]
مٿان کان، کاٻي کان ساڄي: '''پاپاگو پارڪ''', سينٽ ميري بيسيليڪا, چيز ٽاور, ڊائون ٽائون, '''سائنس سينٽر''' , '''روسون ھائوس''', '''ميٽرو''', '''ڪيڪٽس''', ۽ '''ميڪڊوويل جبل'''
عرفيت: "سج جي ماٿري", "ماٿري"
ملڪ آمريڪا جون گڏيل رياستون
رياست ايريزونا
ڪائونٽي ميريڪوپا
بنياد پيو 1867
شھري درجو مليو 25 فيبروري 1881ع
حڪومت
 • قسم ڪائونسل مينيجر
 • مجلس فينڪس سٽي ڪائونسل
 • ميئر Kate Gallego (ڊيموڪريٽڪ پارٽي)
پکيڙ[1]
 • State Capital 519.28 ميل2 (1,344.94 ڪ.م2)
 • زميني 518.27 ميل2 (1,342.30 ڪ.م2)
 • آبي 1.02 ميل2 (2.63 ڪ.م2)
بلندي[2] 1,086 ft (331 ميل)
آبادي (2020)
 • State Capital 1,608,139

ابتدائي تاريخسنواريو

فينڪس وارو علائقو اٽڪل 2000 سالن تائين اصلوڪن امريڪي لوڪن جي قبيلي ھوھوڪام (Hohokam) جي ھٿ ھيٺ رھيو[7]. جيتوڻيڪ ھي ھڪ ريگستاني علائقو آھي پر ھن قبيلي آبپاشيءَ لاٰءِ ڪيترائي واھ (canals) کوٽي ھن علائقي کي پوک جي لائق بنايو. ھنن پراڻي آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي ڪيترن ئي قبيلن سان معاشي لاڳاپا قائم ڪيا ۽ وڻج واپار کي زور وٺايو[8]. 1300ع ۽ 1450ع جي وچ ۾ ھتي سخت ڏڪار پيو ۽ وڏيون ٻوڏون آيون جن ھوھوڪام تھذيب کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو. ان بعد ھتي ”اڪيمل اوڌام“ (Akimel O'odham) قبيلي جو ڪنٽرول قائم ٿيو[9]. ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ رھندڙ ھن قبيلي آبپاشي سرشتي کي وڌيڪ بھتر بنايو جنھن ڪري ھتان جي زرعي اپت کي ھٿي ملي. سندن دور ۾ ھي علائقو مڪئي، مٽر، ڪپھ، تماڪ ۽ ٻين فصلن جي پوکيءَ ۾ مشھور ٿيو. ڪجهه ٻين قبيلن پڻ ھن علائقي کي پنھنجو مسڪن بنايو ھو. ھو ھرڻ، سھي ۽ ٻين جانورن جو شڪار پڻ ڪندا ھئا[10].

1848ع ۾ جڏھن آمريڪا ۽ ميڪسيڪو وچ ۾ ھلندڙ جنگ ختم ٿي تہ ميڪسيڪو جا اتريان علائقا آمريڪا جي ھٿ ھيٺ اچي ويا ۽ انھن علائقن جا رھواسي آمريڪا جا رھواسي بنجي ويا. 1863ع ۾ موجودھ فينڪس جي اتر اولھ ۾ وڪنبرگ (Wickenburg) نالي ھڪ ننڍڙو شھر آباد ٿي ويو. 1865ع ۾ ورڊي نديءَ (Verde) جي ڪپ تي آمريڪي فوجين فورٽ ۾يڪڊوويل (Fort McDowell) نالي سان ھڪ قلعو تعمير ڪرايو. ھن قلعي جي ويجھو 1866ع ۾ سالٽ نديءَ جي ڏاکڻئين ڪناري تي ھڪ فوجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. وقت سان گڏ ڪجهه ٻيون ننڍيون ننڍيون وسنديون ڀرپاسي وارن علائقن ۾ قائم ٿينديون ويون. اڳتي ھلي انھن سمورين وستين کي پاڻ ۾ ملائي ٽيمپي (Tempe) شھو جو بنياد وڌو ويو[11].

فينڪس شھر جو بنيادسنواريو

فينڪس شھر جو سڀ کان پراڻو گھر جيڪو 1870ع ۾ تعمير تيو.

فينڪس جي تاريخ يورپي ويڙھاڪ جيڪ سويلنگ (Jack Swilling) جي نالي سان شروع ٿئي ٿي. ھن ھتان جي اصلوڪن رھواسين سان جنگيون ڪري کين پنھنجي اباڻن ڪکن کان بيدخل ڪري سندن زمينن تي قبضو ڪيو ۽ ڪافي مالدار بنجي ويو. ھن ھوھوڪام قبيلي جي واھن جي ٻيھر کوٽائي ڪري آبپاشيءَ جي نظام کي بھتر بنايو ۽ موجودھ فينڪس جي ھوائي اڏي واري علائقي ۾ فصل پوکايا. ھن علائقي جي زرخيزي ڏسي ڪيترائي يورپي لوڪ ڪٽڪن جي صورت ۾ ھتي اچي آباد ٿيڻ لڳا۽ ايئن ھڪ شھر قائم ٿي ويو جنھن کي فينڪس نالو ڏنو ويو[12]. يوناني ڏند ڪٿائن مطابق فينڪس (Phoenix)ھڪ ديو قامت پکي ھو جيڪو عربي ريگستان ۾ ڪيترين صدين تائين اڏامندو رھيو. جڏھن ھن جو موت ويجھو آيو تہ ھن پاڻ کي باھ جي آڙاھ ۾ اڇلي ڇڏيو جنھن مان ھن کي ٻيھر جيئدان مليو. ھو ٻيھر جوان ٿي ويو ۽ ٻيھر ڪئين صدين تائين جيئرو رھيو. ايئن فينڪس پکي ھميشہ زندہ رھيو. جيئن تہ فينڪس شھر ھڪ ويران ۽ سخت گرم علائقي ۾ قائم ٿي وڌيو ويجھيو ان ڪري ھن کي فينڪس پکيءَ سان مشابھت ڏني وئي.

4 مئي 1868ع تي فينڪس کي ھڪ ننڍي شھر (Town) جو درجو ڏنو ويو. ساڳئي سال جون ۾ ھتي پھريون ٽپال گھر (Post Office) کوليو ويو ۽ جيڪ سويلنگ ان جو پھريون پوسٽ ما سٽر مقرر ٿيو. 12 فيبروري 1871ع تي ميريڪوپا ڪائونٽي (Country Maricopa) جو بنياد رکيو ويو. 25 فيبروري 1881ع تي فينڪس کي شھري حيثيت ڏني وئي. ان وقت ھن جي آبادي اٽڪل 2500 ماڻھن تي مشتمل ھئي[13].

فينڪس کي 1880ع واري ڏھاڪي ۾ ريل وسيلي ملڪ جي ٻين حصن سان ڳنڍيو ويو. 4 نومبر 1888ع ۾ ھتي چيمبر آف ڪامرس جو قيام عمل ۾ آيو. 1885ع ۾ ھتي پھريون ھاءِ اسڪول کليو جنھن کي فينڪس يونين ھاءِ اسڪول جو نالو ڏنو ويو.

1900ع کان 1960ع وارو دورسنواريو

ويھين صديءَ جي پھرئين ڏھاڪي ۾ ھتي ڪافي ترقي ٿي. ھن شھر کي بجلي ۽ پاڻي ڏيڻ لاءِ صدر روزويلٽ ھتي ڊيم ٺاھڻ جي منظوري ڏني. اھو ڊيم 1911ع ۾ مڪمل ٿيو. 14 فيبروري 1912ع تي ايريزونا کي آمريڪا جي 48 رياست بنائڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ فينڪس کي ھن رياست جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو. گاديءَ جو ھنڌ بنجڻ کان پوءِ فينڪس جي آدمشماري تيزيءَ سان وڌڻ لڳي ۽ 1920ع ۾ ھن شھر جي آبادي 19053 ٿي وئي. 1929ع ۾ ھتان جي اسڪاءِ ھاربر ھوائي اڏي جو افتتاح ٿيو. ھن وقت ھي فينڪس جو مصروف بين الاقوامي ھوائي اڏو آھي. 1920ع واري ڏھاڪي ۾ ھتان جي آبادي لڳڀڳ ٻيڻي ٿي وئي. سياحت کي ھٿي وٺائڻ لاءِ ھن علائقي کي ”سج جي ماٿري“ (The Valley of Sun) سڏيو ويو تہ جيئن وڌ کان وڌ سياح ھي علائقو گھمڻ لاءِ اچن. ٻي عالمگير جنگ ۾ ھتي فوجي سازوسامان ٺاھڻ جا ڪارخانا کليا ۽ ھوائي فوج جون ٽي ڇانوڻيون قائم ٿيون. 1940ع ۾ ھن شھر جي آبادي 65000 جي لڳڀڳ ھئي. 1950ع ۾ اھا آبادي وڌي 105000 ٿي وئي. 1948ع ۾ ڪمپيوٽر جي جڳ مشھور ڪمپنيءَ موٽرولا (Motorola) ھتي پنھنجون آفيسون کوليون. اڳتي ھلي انٽيل (Intel) ۽ ميڪڊونل ڊگلس (McDonald Douglas ) جھڙين وڏين ڪمپنين ھن شھر ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. 1950ع واري ڏھاڪي ۾ ھتي ڪيتريون ئي نيون عمارتون تعمير ٿيون. شھر جي اتر ۾ يورپ کان لڏي آيل اڇي چمڙيءَ وارن لوڪن جو غلبو رھيو، جڏھن تہ ڏکڻ ۾ آفريقي آمريڪي ۽ ميڪسيڪو کان آيل آمريڪي آباد ٿيا.

1960ع کان ھاڻي تائينسنواريو

1960ع کان وٺي ھاڻي تائين ھي شھر لاڳيتو وڌندو ويجھندو رھيو آھي ۽ ھن شھر جي ڪاروبار ۾ خاطرخواھ واڌارو آيو آھي. 1960ع واري ڏھاڪي جي پڄاڻيءَ تائين سياحت جي شعبي ۾ ھي آمريڪا جو ٽيون نمبر وڏو شھر بنجي ويو. 1960ع ۾ فينڪس ڪارپوريٽ سينٽر جي عمارت جڙي راس ٿي. 341 فوٽ اوچي ھيءَ عمارت ان وقت ايريزونا رياست جي وڏي ۾ وڏي عمارت ھئي. ساڳئي ئي دور ۾ ٻيون بہ ڪيتريون ئي بلند قامت عمارتون جڙي راس ٿيون جن ۾ ھيٺيون عمارتون ذڪر لائَق آھن:

  • روزنزويگ سينٽر (Rosenzweig Center) جنھن کي اڄڪلھ ”فينڪس سٽي اسڪوائر“ ڪوٺيو وڃي ٿو (1964ع)
  • فينڪس فائيننس سينٽر (Phoenix Finance Center) (1964ع)
  • ڪيتريون ئي گھڻماڙ رھائشي عمارتون پڻ ٺھيون

ترقيءَ جو اھو سفر بعد ۾ بہ جاري رھيو. 2000ع ۾ ھن شھر کي 9 شھري ڳوٺن ۾ ورھايو ويو. ھن وقت انھن ڳوٺن جو تعداد وڌي 15 ٿي ويو آھي. انھن ڳوٺن کي ملائڻ لاءِ ڪشاديون سڙڪون تعمير ڪيون ويون آھن. 25 سيپٽمبر 1981ع تي ھتان جي رھواسي سينڊرا ڊي اوڪونر ( Sandra Day O'Connor) آمريڪا جي سپريم ڪورٽ جي پھرين خاتون جج طور قسم کنيو. 1985ع ۾ ملڪ جي سڀ کان وڏي نيوڪلائي پاور پلانٽ بجليءَ جي پيداوار شروع ڪئي. 1987ع ۾ پوپ جان پال II ۽ مڌر ٽريسا ھن شھر جو دورو ڪيو. 1990ع واري ڏھاڪي ۾ ھتي ڏيھ ۽ پرڏيھ کان ڪيترائي پناھگير اچي آباد ٿيا. 2000ع ۾ ھتان جي اسڪولن ۾ 43 مختلف ٻولين ۾ تعليم ڏيڻ جي شروعات ٿي. 1992ع ۾ سٽي ھال جي 20 ماڙ نئين عمارت جو افتتاح ٿيو.

فينڪس شھر جو ّخوبصورت نظارو

جاگرافيسنواريو

فينڪس ڏکڻ اولھ آمريڪا جو ھڪ مکيہ شھر آھي. جيڪڏھن اوھان تُوسان (Tucson) شھر کان فليگ اسٽا ف (Flagstaff) شھر طرف سفر ڪندا تہ فينڪس جو شھر بلڪل اڌ پنڌ تي ايندو. ھي شھر ميڪسيڪو جي سونوئيتا (Sonoyta) واري سرحد کان 240 ڪلوميٽر (150 ميل) ۽ نوگالس (Nogales) سرحد کان 290 ڪلوميٽر (180ميل) اتر ۾ واقع آھي. ھن شھر جي سرزمين سراسري طور تي سامونڊي سطح کان 331 ميٽر (1086 فوٽ) مٿي آھي ۽ سونوران ريگستان (Sonoran Desert) جي اترئين ڇيڙي وٽ آباد آھي. فينڪس جي شھري علائقي کي ”سج جي ماٿري“ ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ سالٽ ندي ھن شھر جي ڏاکڻئين حصي مان گذري ٿي.

شھر ۾ چند ننڍا جبل آھن پر ھي شھر گھڻو ڪري سنئين سڌي ميداني علائقي ۾ آباد آھي. شھر جي آسپاس ننڍن جبلن جون قطارون ڏسڻ ۾ اينديون. شھر جي ٻاھران سرسبز فصل ۽ اصلوڪن آمريڪين لاءِ مخصوص زمين آھي. شھر جي ڪل پکيڙ 1341 چورس ڪلوميٽر (517.9 چورم ميل) آھي جنھن ۾ 1338 چورس ڪلوميٽر (516.7 چورم ميل) خشڪي ۽ 3.1 چورس ڪلوميٽر (1.2 چورس ميل) پاڻي آھي. فينڪس جو شھري علائقو ميريڪوپا (Maricopa) ڪائونٽي ۾ شامل آھي. ھن ڪائونٽيءَ جي آدمشماري 1940ع کان 1980ع تائين 186000 مان وڌي 1509000 ٿي وئي. ھن وقت ھي آمريڪا جو پنجون نمبر وڏو شھر آھي پر شھر ھڪ وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آھي. شھر ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا ڳوٺ ٺھي ويا آھن. ھر ڳوٺ ۾ گھڻو ڪري ڪنھن ھڪ نسل، ٻوليءَ يا طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻھو رھن ٿا. اھڙن ڳوٺن کي شھري ڳوٺ چيو وڃي ٿو. ھڪ ڳوٺ ٻئي ڳوٺ کان ڪجهه مفاصلي تي قائم آھي. سراسري طور تي ھن شھر جي ھر ھڪ چورس ميل اندر 2797 ماڻھو رھن ٿا.

شھري ڳوٺسنواريو

جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آھي ھي شھر شھري ڳوٺن ۾ ورھايل آھي. ھر ڳوٺ جو انتظام سنڀالڻ لاءِ سٽي ڪائونسل پاران پلاننگ ڪاميٽيون مقرر ڪيون وڃن ٿيون. ھن وقت شھر ۾ 15 شھري ڳوٺ آھن جن جا نالا ھيٺ ڏنل آھن.

اھواتوڪي فٽ ھلز (Ahwatukee Foothills) ، الھمبرا (Alhambra)، ڪئملبيڪ ايسٽ (Camelback East)، سينٽرل سٽي (Central City)، ڊيئر ويلي (Deer Valley)، ڊيزرٽ ويلي (Sesert Valley)، انڪينتو (Encanto)، ايسٽريلا (Estrella)، لاوين (Laveen)، ميريويل (Maryvale)، نارٿ گيٽوي (North Gateway)، نارٿ مائونٽين (North Mountain)، پيراڊائيز ويلي (Paradise Valley)، ريو وستا (Rio Vista) ۽ سائوٿ مائونٽين (South Mountain).

فينڪس جي مختلف علائقن ۽ ضلعن کي سندن بيھڪ جي حساب سان ٻيا بہ نالا ڏنا ويا آھن مثال طور ڊائون ٽائون، مڊ ٽائون، اپ ٽائون، ويسٽ فينڪس، نارٿ فينڪس، سائوٿ فينڪس، بلٽمور ايريا، آرڪيڊيا ۽ سني سلوپ.

آبھواسنواريو

سونوران ريگستان جي ويجھو ھئڻ سبب ھتان جي اونھاري جي موسم تمام گرم ٿئي ٿي البت سيارو گھڻو ٿڌو نٿو ٿئي. ھي دنيا جي انھن علائقن مان ھڪ آھي جتي سج پنھنجي پوري آب ۽ تاب سان چمڪي ٿو. ھتي دنيا جي لڳڀڳ سمورن وڏن شھرن کان وڌيڪ اس ۽ سج جي تپش پھچي ٿي. ھن شھر کي آمريڪا جي گڏيل رياستن جو سڀ کان گرم شھر چنجي تہ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو. مئي جي آخر کان سيپٽمبر جي پڇاڙيءَ تائين ھتان جي گرميءَ جو درجو گھٽ ۾ گھٽ 380C رھي ٿو. 22 جون 1990ع تي ھتي رڪارڊ گرمي پئي ۽ گرميءَ جو درجو 50oC رڪارڊڪيو ويو. ھتي برفباري ڪا ورلي ٿئي ٿي. 1898ع کان ھن وقت تائين فقط اٺ ڀيرا ھن شھر ۾ برف پئي آھي.

رنگ ۽ نسلسنواريو

فينڪس ۾ اڪثريت اڇي چمڙيءَ وارن ماڻھن جي آھي جنھن ۾ اسپيني، لاطيني ۽ يورپي لوڪ شامل آھن. ھيٺئين ٽيبل ۾ 1940ع کان 2020ع تائين مختلف نسلن سان واسطو رکندڙ ماڻھن جو سيڪڙو ڏيکاريو ويو آھي.

رنگ ۽ نسل1940[14]1970[14]1990[14]2010[15]2020[16]
اڇا (غير ھسپانوي)n/a81.3%71.8%46.5%42.2%
ھسپيني يا لاطينيn/a12.7%20.0%40.8%42.6%
ڪارا يا آفريڪي آمريڪي6.5%4.8%5.2%6.0%7.1%
ايشيائي0.8%0.5%1.7%3.0%3.9%
گڏيلn/an/an/a1.7%3.4%

حوالاسنواريو

  1. "2020 U.S. Gazetteer Files". United States Census Bureau. حاصل ڪيل October 29, 2021. 
  2. "Feature Detail Report for: Phoenix". Geographic Names Information System. United States Geological Survey.  Unknown parameter |entry-url= ignored (مدد)
  3. "2020 Population and Housing State Data". United States Census Bureau. حاصل ڪيل August 22, 2021. 
  4. "U.S. Census Bureau QuickFacts: Phoenix city, Arizona". www.census.gov. حاصل ڪيل 2021-12-16. 
  5. "Most Populated US State Capitals". WorldAtlas. حاصل ڪيل 2021-12-16. 
  6. "Wayback Machine" (PDF). web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-16. 
  7. "History - Official Site of the City of Phoenix". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-26. 
  8. "The Hohokam: Preshistoric People of the Desert Southwest - DesertUSA". www.desertusa.com. حاصل ڪيل 2021-12-26. 
  9. Seymour, Deni J. "Delicate Diplomacy on a Restless Frontier: Seventeenth-Century Sobaipuri Social And Economic Relations in Northwestern New Spain, Part I". New Mexico Historical Review (2007b): 82.
  10. "Salt River Pima-Maricopa Indian Community: Xalychidom Piipaash (Maricopa) People". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-26. 
  11. Joan Fudala (2001). Historic Scottsdale: A Life from the Land. HPN Books. p. 28. ISBN 978-1-893619-12-8. Retrieved December 26, 2021.
  12. "Survey Details - BLM GLO Records". glorecords.blm.gov. حاصل ڪيل 2021-12-26. 
  13. "History - Official Site of the City of Phoenix". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-12-26. 
  14. 14.0 14.1 14.2 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named census
  15. "State & County QuickFacts – Phoenix (city), Arizona". United States Census Bureau. وقت May 21, 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  16. "2020 Census". 
🔥 Top keywords: مُک صفحوسائنوبئڪٽيرياماڊيول:Argumentsمدد:مندرجاتانڊونيشياسنڌي ادبوڪيپيڊيا:بابت13 جنوريوڪيپيڊيا:اسان سان رابطو ڪريوخاص:تازيون تبديليونمصروڪيپيڊيا:عام غيرجوابدارينامومدد:تعارفوڪيپيڊياپيرو (ملڪ)ميڊياوڪيخاص:ڳولاوڪيپيڊيا:نياتي بابباب:ھاڻوڪا واقعاوڪيپيڊيا:مندرجاتپاڪستان جي اسيمبلين جا تڪخاص:مون سان ڳالههڏيڏر4 سيپٽمبروڪيپيڊيا:صفائيقاهرهمدد:زمروبرازيلفوٽانوڪيميڊيا فائونڊيشنماڊيول:Namespace detect/dataوڪي لغتاسلاممدد:صفحو ڄاڻ1197عوڪيپيڊيا:هدايتون ۽ حڪمت عمليونسارس ڪووي 2زمرو:اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿاپيراگوئيعالمي ورثو ماڳآرمينيائي ٻوليٻين مھاڀاري جنگآمريڪا جون گڏيل رياستوناجميرسنڌي ٻوليپاڪستانوڪيپيڊيا:بهترين مضمون لاءِ اميدواراتر آئرلينڊنيو ميڪسيڪوسنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊوڪيپيڊيا:حوالو ميزوڪي مينيا1579عزمرو:غلط حفاظت سانچن سان وڪيپيڊيا صفحاعالمي معياري ڪتاب نمبروڪيپيڊيا:کاتي جي لاءِ درخواست ڏيووڪيپيڊيا:ديوان عامآسٽريلياسنڌي وڪيپيڊياٽرانزسٽروڪيپيڊيا:مفاد جو تڪراراحساس برتريسهمتي1525عسنڌ تعليم ۽ خواندگي کاتوکيرائين واٽ ڪهڪشانوي بيڪ مشينوڪي سورسڊي اين ايليف ايرڪسنڪوروناوائرس روڳ 2019o9oxoحجوڪيپيڊيا:تعارفوڪيپيڊيا:ريتخانوروسقنديل بلوچ18جنوريزمرو:آمريڪا جون گڏيل رياستونطارق قريشيشاھ عبداللطيف ڀٽائيوڪيپيڊيا:ڪاپي رائيٽوڪيپيڊيا:ثابتيججوڪيميڊيا ڪامنزوڪيپيڊيا:وڪي منصوبو ڪووڊ-19ڪريٽو ڪامنز1391عايران1577ععوامي کاتوقديم مصرمدد:فهرست1695عنبي بخش بلوچڪولائي پالاس ضلعوابوجھل1754عوڪيپيڊيا:حوالو گھربل